وڻجاري،ڀارواڙي،ڀيل،مانڊوي،گوند قبيلن جون عورتون

وڻجاري،ڀارواڙي،ڀيل،مانڊوي،گوند قبيلن جون عورتون

دراوڙ، گونڊ قبيلي جو هڪ مرد

دراوڙ، گونڊ قبيلي جو هڪ مرد

مايا تهذيب جو هڪ اهرام:ڪُڪلَن مندر

مايا تهذيب جو هڪ اهرام:ڪُڪلَن مندر

دراوڙ لوڪ

دراوڙ لوڪ

شِوَ جاروپ: پشوپتي ۽شِوَ يوگا آسڻ ۾ ويٺل

شِوَ جاروپ: پشوپتي ۽شِوَ يوگا آسڻ ۾ ويٺل

مصر جو هڪ اهرام

مصر جو هڪ اهرام

ويجھڙائيءَ وارو جو جوڙيل دراوڙ لوڪن جو هڪ مندر

ويجھڙائيءَ وارو جو جوڙيل دراوڙ لوڪن جو هڪ مندر

ڏکڻ هندستان ۾دراوڙي ٻوليءَ جو نقشو

ڏکڻ هندستان ۾دراوڙي ٻوليءَ جو نقشو

دراوڙ لوڪ

دراوڙ لوڪ (Dravidian People): سنڌ جي قديم اتهاس جي آڳاٽي ۽ نئين اڀياس کان پوءِ هڪ خيال اهو پيش ڪيو وڃي ٿو ته دراوڙ لوڪن مان مراد سنڌ جا اصلوڪا لوڪ ئي آهي، جڏهن ته ٻيو خيال آهي ته دراوڙ لوڪن کان سواءِ ٻيا به ڪي نج سنڌي (Indigenous) نسل جا لوڪ به هن ڌرتيءَ تي موجود هئا. دراوڙ لوڪ سنڌ جي پٿر جي نئين دور (Neolithic Period) جا اهي باني هئا، جن اڳتي هلي آڳاٽن سنڌو لوڪن سان گڏجي ’سنڌو سڀيتا‘ (Indus Civilization) کي جنم ڏنو. اهي سنڌ جي تمام آڳاٽن لوڪن مان هئا، جن جي تهذيب عالمگير اثر رکندڙ هئي. هنن نئين پٿر جي دؤر کان اڳتي نڪري ڪنجهيءَ جي دؤر (Bronze Age) ۾ نوان نوان شهر آباد ڪيا ۽ هـڪ هـزار ورهـيـن تـائيـن بـنـا ڪـنهـن رنـڊ روڪ جي ترقي ڪندا ويا ۽ ڏهه لک چورس ميلن کان وڏي سنڌو سلطنت (Indus Empire) جا باني هئا. سنڌو تهذيب جي ماهر/ سنڌيالوجسٽ (Sindhiologist) ايس. آر. رائو جي ڪتاب‘Dawn of Devolution of Indus Empire’ موجب سنڌو سلطنت جو مرڪزي صوبو (Central Province of Indus Empire) موجوده پاڪستان جي سنڌ ۽ پنجاب وارو ميداني علائقو هو. دراوڙ لوڪ ٻيڙن وسيلي وڻج واپار سانگي دنيا جي هڪ وڏي حصي سان لهه وچڙ ۾ آيا ۽ دنيا تي پنهنجي تهذيبي اثر کي نمايان ڪيائون. دراوڙن جو اصل بڻ بنياد (Origin of Dravidians): دراوڙ (Dravidians) ۽ آريا(Aryans) دنيا جون ٻه وڏيون نسلي نُکون (Races Groups) آهن، جن جو ذڪر ننڍي کنڊ ۽ خاص طرح سان سنڌ جي قديم ۽ جديد اتهاس جي هر صفحي تي ملي ٿو. بلڪل ائين جيئن مهاڀارت کان اڳ (1300- 100 ق. م) واري دؤر ۾ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ لوڪن، جتن ۽ ميدن جي پاڻ ۾ جنگين جو ذڪر ملي ٿو، اڳتي هلي راڻي دهشلا (داسل) جتن ۽ ميدن جي گڏيل خواهش ۽ راضپي سان سنڌو سلطنت تي سندن حاڪم راڻي مقرر ٿي. اهو ساڳيو تاريخي تسلسل اڄ به سنڌ ۾ سماٽ ۽ ٻروچ جي شڪل ۾ موجود آهي. تامل يونيورسٽي تانجاوور (Tamil University Tanjavur) جي اڳوڻي وائيس چانسلر ڊاڪٽر آر. سي. هريمٿ (Dr. R. C. Hiremath) پنهنجي ڪتاب ‘The Genesis and Growth of Dravidian’ ۾ لکيو آهي ته، ”دراوڙ لوڪ، يورال ايلٽيئڪ جبلن (Ural- Altiac Mountains) واري جابلُو جوءِ جا ماڻهو هئا. دراوڙ ئي آريا ۽ منگول نسل جو اصل بنياد هئا. محقق ڪالڊويل (Caldwell)، سٿين خاندان (Scythian Family) بابت ثبوت ڏيندي، سندن ثقافتي ناتا ’عظيم ڀونوچي تهذيب‘ (Great Mediterranean Civilization) سان عام ۽ ’ميسوپوٽيميائي تهذيب‘ (Mesopotamian Civilization) سان خاص طور ٻڌائيندي دراوڙ لوڪن کي ’ڀونوچي نسل جا لوڪ‘ ڄاڻائيندي لکيو آهي ته، ”اهي اصل ’يورال- ائلٽيئڪ‘ جابلو علائقي جا هئا، هنن پوکي راهيءَ جو هنر ايران جي زوگروز (Zogro’s) واري علائقي ۾ سکيو ۽ ’ابادين تهذيب‘ (Obadian Civilization) ۽ ’سميريائي تهذيب‘ (Sumerian Civilization) جوڙڻ ۾ هنن پنهنجو خاص مددي ڪردار ادا ڪيو. اُتان پوءِ هو 2500 ق. م ۾ اوڀر پاسي کان ٿيندا، ايران ۽ ايراني نار وارو پاسو ڏئي پنجاب جي ميداني علائقن ۾ داخل ٿيا، جتان هنن ڏکڻ ۽ اوڀر ڏانهن وڌندي ’عظيم سنڌو سڀيتا‘ (Indus Valley Civilization) جو بنياد وڌو، جڏهن ته آريا کانئن پوءِ 1500 ق. م ۾ آيا. آرين جي اچڻ شرط اهي دراوڙ، ايران ۽ بلوچستان جي جابلو جوءِ ۾ پکڙجي ويا. آرين ۽ دراوڙن ۾ جنگاڻ وارو دور ڪي صديون جاري رهيو، انهيءَ دؤر ۾ آريائي لوڪن جي زندگي، مذهب ۽ ثقافت ۾ غور ۽ فڪر ڪرڻ جوڳيون تبديليون آيون. هنن تي دراوڙي تهذيب جو به چڱو اثر آيو. اِهو ثقافتي جذب (Cultural Assimilation) جو هڪ وڏو عالمي مثال آهي. هن وڌيڪ لکيو آهي ته، ”جن دراوڙن پنهنجي انفراديت رکڻ ٿي گُهري، سي ٻيلن ۽ جبلن ڏانهن هليا ويا. بهار، اوڙيسا، مهاراشٽر، مڌياپرديش ۽ اتر پرديش ۾ اهي اڄ به وڏي ڳاڻيٽي ۾ آهن. نامياري محقق ايم. ايڇ. پنهور پنهنجي تحقيقي مقالي ‘Language of Sindh between Rise of Amri and Fall of Mansura (5000 year ago to 1025 A.D)’ ۾ ڄاڻايو آهي ته، ”اهي لوڪ (درواڙ) اڄ کان 20 هزار ورهيه اڳ ڌاري سنڌو- گنگا ميدان (Indus Ganga Plain) ڏانهن سُريا هوندا، جيڪو انهن ڏينهن ۾ ٻيٽ هو، انهن درياهن جو وڌيڪ ميداني علائقو 12 هزار ورهيه پوءِ ظاهر ٿيو هو، انهن ٻارهن هزار سالن ۾ ٿيل ميل جول جي ڪري دراوڙ لوڪن جو يڪروپي ثقافت (Uniform Culture) رکندڙ هڪ نسل اُسريو هوندو. سمنڊ جڏهن سنڌو- گنگا ميدانن مان موٽ کاڌي هوندي، تڏهن اهي ماڻهو به واپس موٽيا هوندا. اهي سڀ گهڻي ڀاڱي دراوڙ هئا، سواءِ انهن ڪجهه ماڻهن جي، جيڪي جبلن کان آيا هئا ۽ انهن جو گذارو پٿر جي وچئين (Mesolithic) دور تائين شڪار ۽ مڇي مارڻ تي رهيو هوندو. اهو دور پٿر جي نئين (Neolithic) دور جي انقلاب سبب ترت بدليو، جنهن نيٺ ’سنڌو سڀيتا‘ (Indus Civilization) کي جنم ڏنو.“ ايم. ايڇ. پنهور، سنڌ ۾ آڳاٽي انسان جو وجود 5 لک سال اڳ تائين ڄاڻائي ٿو. دراوڙن لوڪن جي باري ۾ جي. ايم. سيد پنهنجي ڪتاب ’سنڌوءَ جي ساڃاهه‘ ۾ لکيو آهي ته: ”هن نسل بابت ٻه روايتون آهن، هڪڙي اها ته اهي اصل ڀونوچ سمنڊ (Meditaranian Sea) واري زمين تي رهندڙ ماڻهن جي نسل مان هئا، جن کي اتي پنهنجو تمدن ۽ پنهنجي تهذيب هئي. اتان جي زمين، سمنڊ هيٺ اچي وڃڻ سبب انهن ماڻهن مان گهڻا ٻڏي تباهه ٿي ويا ۽ باقي جيڪي بچيا، سي مصر، سمير، فراگيا، بابل ۽ سنڌوءَ ۾ اچي آباد ٿيا، جتي پنهنجو تمدن ۽ تهذيب برپا ڪيائون.“ ڪن محققن جو چوڻ آهي ته، ”سنڌوءَ جا رهاڪو مصر، سمير ۽ بابل جي قديم رهاڪو ماڻهن جي دراويدي نسل جي شاخ مان هئا، عبراني ۽ سامي ماڻهو به انهيءَ نسل جي شاخ مان آهن. هنن وٽ ڪي مذهبي عقيدا به هئا ۽ سندن ڪيترين ڳالهين جي مصر، سمير ۽ بابل جي عقيدن سان مماثلت هئي.“ هڪ اهڙي ئي تاريخي روايت مطابق: ”دراويدي اصل ’هندي سمنڊ‘ (Indian Ocean) جي ڀر واري ملڪ ائٽلانٽڪ کنڊ جا رهاڪو هئا (جتي هن وقت ائٽلانٽڪ وڏو سمنڊ آهي)، جيڪي ’آسٽرلائڊ نسل‘ مان هئا، اٽڪل 75 هزار ورهيه اڳ زمين جي تبديليءَ سبب اها زمين سمنڊ جي پاڻيءَ هيٺ ٻڏي وئي. اتان جي رهاڪن مان جيڪي بچي ويا هئا، سي اتان لڏي، انڊونيشيا، انڊو- چائنا، برما، آسام ۽ بنگال کان مدراس طرف آيا، جتان سمنڊ جو ڪنارو ڏئي سنڌ ۾ آيا، جتان ڪي ايران، عراق شام ۽ مصر جي رستي ڀونوچ سمنڊ واريءَ زمين تي آباد ٿي، تهذيب ۽ تمدن جا مالڪ بڻيا. اتي گهڻي وقت کان پوءِ جڏهن وري ٻوڏ آئي ته ڪي غرق ٿي ويا ۽ ڪجهه مصر، سمير ۽ بابل کان ٿيندا، سنڌ مان ڦرندا، مختلف تهذيبون ۽ تمدن برپا ڪندي وڃي مدراس ۾ پهتا.“ ڪن محققن جو چوڻ آهي ته: ”سامي نسل وارا لوڪ، دراوڙ لوڪن جي هڪ نُک آهن، اهي اصل ڪٿي جا هئا، ڪهڙي رستي کان آيا، ڪهڙي زماني ۾ آيا، ڪڏهن تهذيبون ۽ تمدن برپا ڪيائون؟ ان بابت علم آثار قديم ۽ علم طبقات الارض، اساطير الاولين (ڏند ڪٿائون)، عام جوتش، علم الانسان، ماڻهن جي نسلن جي علم يعني بشريات جي ماهرن جا مختلف رايا آهن.“ دراوڙن جو بنياد، ڌرتيءَ جي ڪنهن تمام آڳاٽي انساني گروهه سان آهي، جن جو حصو پتي دنيا جي ڪيترن ئي ڀاڱن جي تهذيبي اوسر ۾ ڳڻپ ۽ ساراهه جوڳو آهي. انهيءَ تهذيبي ترقيءَ ۾ لازميءَ طرح سان هنن سان ڪي ٻيا انساني نسلي گروپ به گڏ هوندا. اهي دراوڙ لوڪ، اهي قديم ميد هئا، جن سڀ کان پهرين سمنڊ ۾ ٻيڙا هاڪارڻ جو جوکم ورتو. هنن جو اِهو تهذيبي دؤر لڳ ڀڳ هزارين ورهين تائين جاري رهيو. هي دنيا جي هڪ وڏي حصي تائين پهتا. 6000 ق. م کان پهرين اهي بيرنگ سمنڊ (Bering Sea) جي سوڙهي لڪ کان ٿيندا، آمريڪا پهتا. ايلٽيڪ تهذيب وارن پٿر جي عمارت سازيءَ ۾ ڪمال ڪري ڏيکاريو. مصري تهذيب ۽ ميڪسيڪو جي مايا تهذيب جا اهرام (Pyramids) به هنن جي پونيرن پاران مختلف تهذيبن جي ترقيءَ ۾ حصيدار وارو ڪارنامو آهن. سنڌو مهرن(Indus Seals) تي اُڪريل هڪ سڱو گهوڙو ۽ مايا تهذيب واري ڪُڪُلڪن جي اهرام نما مندر (Mayan Kukulcan Temple) ۾ هڪ قبر جي مٿان هڪ سڱو گهوڙو ۽ ان جي هيٺان ٺهيل قربانيءَ وارو نشان ڏيکاريل آهي، اهو ساڳيو موهن جي دڙي جي انيڪ مهرن تي اڪريل آهي، جيڪو يورپ جي ٻاراڻين آکاڻين (Fairy Tales) ۾ به ڏيکاريل آهي. اهو سڀ ڪجهه ڪنهن هڪ ۽ گڏيل تهذيبي اثر جو مظهر آهي. سنڌ ۾ ابتدائي انسان جو وجود گِذرِيءَ(Gizri) کان وٺي سڄي کيرٿر ۾ لکين سال اڳ به نظر اچي ٿو. انهي انساني وجود جا ثبوت آڳاٽن غار واري انسانن (Cave men) جي صورت ۾ نظر اچن ٿا. ان انسان جو وجود منڇر ۽ جابلو نئين واري جالاري جُوءِ ۾ ڏسجي ٿو. دراوڙي نسل جي لوڪن جو وجود سڄي وچ اوڀر ۽ ننڍي کنڊ ۾ نسلي طرح سان ثابت آهي. اهي دراوڙ لوڪ ابتدائي شڪار، ڏوٿي ۽ شڪاري لوڪن مان ئي هئا، جيڪي پوءِ سفر ڪندا ڀونوچ مهاساگر تائين پهتا ۽ ’ڀونوچي تهذيب‘ (Mediterranean Civilization) جا باني بڻيا. ننڍي کنڊ ۾ ٻيهر اٽڪل 20000 ق. م ۾ آيا. جڏهن 75 هزار ورهين وارو ڊگهو ٿڌ جو چوٿون دور (Fourth Ice Age) پنهنجي پوين پساهن ۾ هو. هنن کانئن اڳ وارن آسٽرڪ لوڪن (Austrik People) سان ميل جول قائم ڪري، سنڌو تهذيب جو بنياد وڌو، جڏهن ته ننڍي کنڊ ۾ کانئن گهڻو اڳ نيگرو (Negroid) ۽ آڳاٽا آسٽريليائي لوڪ(Proto Austroloid) آفريڪا ۽ فلسطين کان ٿيندا هتي آيا هئا. اهي سمورا لوڪ، سيلون، برما، مليشيا، هند چيني، انڊونيشيا ۽ ننڍي کنڊ جي ڏورانهن علائقن ۾ پکڙجي ويا. اترين هندستان ۾ سناتن ڌرم جو بنياد وجهندڙ آريائي لوڪ شروع ۾ سنڌو تهذيب سان تعلق رکندڙ پيار جي خدا، شوَ(God of Love) جي خلاف رهيا ۽ بعد ۾ هنن شِوَ کي پنهنجي انيڪ روپن: محبت، خدمت، رقص ۽ خوشحاليءَ وارن روپن سوڌو قبول ڪيو. سنڌو تهذيب جي دراوڙي ثقافتي سگهه جي اها پهرين مڃتا هئي، جا کين مڃڻي ۽ ڪرڻي پئي. سنڌ جا دراوڙ ’شِوَ‘ کي واحد خدا ڪري ليکيندا هئا. هو شِوَ کي واحد شڪتي، سڄي سنسار جو پيدا ڪندڙ، سندن حفاظت ڪندڙ، انيڪ جهان پيدا ڪندڙ، وقت پُڄاڻان کين ويڙهي ڇڏيندڙ، دلين اندر رهندڙ، ڳچيءَ جي مڻڪي جي اعصابي ڏور کان به ويجهو سمجهندا هئا، جڏهن ته گنگا جمنا وارا لوڪ وشنوءَ کي پيدائش جو خدا سمجهندا هئا. وسهڻ ۾ ائين اچي ٿو ته اهي دراوڙ لوڪ پنهنجي خدا شِوَ جيان محبتي ۽ پر امن انسان هئا، جيڪي پنهنجي ئي معاشي ڪرت ۾ رڌل رهندا هئا. سندن اهو امن پسند مزاج کين دنيا ۾ هيڏانهن کان هوڏانهن دربدر ڪندو رهيو. هڪ انومان آهي ته سنڌو تهذيب جو وجود آڳاٽو هو۔. دراوڙ لوڪن جي اچڻ سان سنڌو تهذيب پنهنجي سنڌو درياهي دائري کان نڪري هڪ وسيع علائقي ۾ پکڙي ۽ ڪيترائي واپاري ماڳ ۽ صنعتي شهر جوڙيا ويا. ان ۾ آڳاٽن سنڌو لوڪن سان گڏ دراوڙ لوڪن جو ڪردار انهيءَ تهذيبي اثر کي وڌائيندڙ ۽ تيز ڪندڙ (Catalyst) وارو هو. دراوڙي نُک جي ڄاڻ (Dravidian Genetics): ’نُک ڄاڻ‘ (Genetics) جي حساب سان دراوڙ اَڍُ جي درجي بندي (Classification) وارو ڪم ڪندي مشهور علم الانسان (Anthropologist) ڪارليٽن ايس. ڪوُون (Carleton S. Coon) 1939ع ۾ ٻڌايو هو ته، ”يورپي، ايٿوپيائي ۽ اتر- اوڀر آفريڪائي نسل ۽ ڏکڻ ايشيائي لوڪ، انساني جيوت گول ڦيري ۾ ڪاڪيشيائي (Caucasoid Race) آهن. ساڳيءَ ريت 1980ع ۾ ڪيولي سفورزا (Cavalli- Sforza) اِهو نروار ڪيو ته نسلي طرح سان، هندستان جا لوڪ، اوڀر يورپ جي لوڪن جي ڀيٽ ۾ اولهه يورپ جي لوڪن کي ٽي ڀيرا وڌيڪ ويجها آهن. اڳتي هلي ڪري اسٽيفن پي. ووڊنگ (Stephen P. Wooding) پنهنجي تحقيق وسيلي اها ڄاڻ حاصل ڪئي ته ’ڏکڻ هندستان‘ جا لوڪ، يورپي ۽ اوڀر ايشيائي لوڪن جي وچ واري اَڍُ جا انسان آهن. هن وڌيڪ چيو ته ’دراوڙ‘ اصل ۾ ڪاڪيشيائي، منگول، آسٽريليائي ۽ نيگرو لوڪن جو گڏوچڙ نسل آهي. دراوڙ ۽ قديم تهذيبي آثار (Ancient Archeological Findings & Dravidians): نئين پٿر واري زماني جي بانيڪار دراوڙ لوڪن جون زماني جون نشانيون ڳولي لهڻ ۾ مسٽر ڪارٽراءِ سي. ايس (اسسٽنٽ ڪليڪٽر) جو وڏو ڪردار آهي، کيس کوجنا جو خفت هو. هن 1919ع ۾ ڪراچيءَ کان 20 ميل پري تعلقي ٿاڻي بولا خان جي مول نالي ماٿريءَ ۾ پٿرن جو هڪ سٿيـل ڍيـر ڏٺـو، جـن تـي چـڪـر، اٺن ۽ گھـوڙن جـون شڪلـون اُڪريل هيون، هن اُن جاءِ کي ’ٺلهه‘ جو نالو ڏنو. سندس خيال هو ته اهو ٺلهه عيسويءَ سن کان 150 سال اڳ جو آهي، جنهن تي نئين پٿر واري دؤر جا نشان موجود هئا. هن اتان پٿر جا ڪيترا اوزار به لڌا ۽ ائين هو کوجنائون ڪندو ويو ۽ کيس ڪراچيءَ کان انڙپور تائين اهڙا نشان نظر آيا. ننگر ٺٽي کان اڳتي ڳوٺ گُجي واريءَ واٽ تي ’ٿرڙي‘ وٽ کيس پٿر جي دؤر جو هڪ شهر به مليو، جنهن جي چوڌاري ڀتيون ڏنل هيون، هن کي انهيءَ هنڌان، ويندي جھرڪن ۽ ٻڌڪن وارين ٽڪرين مان به پٿر جي دؤر جا ٺهيل اوزار مليا. ان کان پوءِ قديم آثارن جي ماهرن اهي پاسا وڃي جاچيا، اهو ئي سبب آهي، جو سر جان مارشل پنهنجي ڪتاب ‘Mohen Jo Daro & Indus Civilization’ جلد پهرئين جي صفحي 92 تي ڄاڻايو آهي ته پٿر جي نئين دؤر جا نشان سنڌ ۾ لڪيءَ وارن جبلن، کيرٿر جبل جي قطارن ۽ روهڙيءَ وارين ٽڪرين ۾ اڪيچار آهن. پٿر جي نئين دور (Neolithic Period) جي هنرمندن ۽ ڪاريگرن جي هڪ وڏي صنعت هئي. روهڙيءَ جي جبلن مان ٺهيل پٿر جا اوزار، ڏکڻ گجرات کان وچ ايشيا تائين موڪليا ويندا هئا. مطلب ته هن دور ۾ نه رڳو سيوهڻ وارو پاسو وسيل هو، پر سنڌ جي اڀرندي طرف وارين ٽڪرين يعني ٺٽي ۽ جھرڪن جي ٻڌڪن ٽڪرن ۽ انڙپور کان وٺي روهڙيءَ وارين ٽڪرين وارو پاسو به اهڙين نشانين سان ڀريل هو، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته پٿر جي نئين دور جا بانيڪار انهن علائقن ۾ آباد هئا. سر جان مارشل، رچرڊ برٽن، ڪرنل پاٽينجر، بارٽل فريئر، آسڪو پارپولا ۽ ٻيا ڪيترائي عالم ان ڳالهه تي متفق آهن ته: ”سنڌو لوڪ اصل ۾ درواڙي بنياد رکندڙ اصلوڪا لوڪ هئا، جن سنڌو ماٿريءَ ۾ اڳواٽ وسيل، نيگرائٽ، آسٽرلائڊ، آسٽرڪ، ڪولن، سنٿالن ۽ ٻين انيڪ نسلي رنگن سان گڏ، سنڌ جي عظيم تهذيب جو بنياد وجهڻ بعد، دجله- فرات واديءَ ۾ سميري تهذيب قائم ڪئي. قديم زماني کان سنڌو، نيل ۽ دجله- فرات درياهن جي ماٿرين جي عظيم تهذيبن ۾ هڪجهڙائي نظر اچي ٿي. مثال طور: هڪ جهڙيون مذهبي روايتون، ديوتائن کان سواءِ بادشاهن جا ساڳيا لقب، علم نجوم ۽ ستارن جي ميڙن يا راس چڪر جي نکٽن جو اهو ساڳيو تعداد آهي، جيڪو هندستاني جوتشين قائم ڪيو هو ۽ انهن نکٽن جي ساڳي نسبتي بيهڪ، قديم هندستاني نالي ’سر منڊل‘ جي جاءِ تي تارس (Taurus) نالو، يعني سرندي جي بدران ڍڳي جي شڪل، اهي سڀ علامتون هڪ گڏيل بنياد ڏيکارين ٿيون، جيڪو سنڌو ماٿريءَ ۾ تلاش ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته بند سرحدن سبب سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب پنهنجي الڳ بنيادن تي اُسري ۽ نسري هوندي ۽ انهيءَ قدامت ۽ واپاري سماج جي ڏيتي ليتيءَ جي ڪري ٻين تهذيبن ۾ هڪجهڙائي ضرور اتان پيدا ٿي پوءِ پکڙي هوندي.“ سميري تهذيب ۽ اتي جا لوڪ، سنڌو تهذيب جو تسلسل رکندڙ هئا، ۽ اُن جي واکاڻ ۽ ساراهه مان ڍاپندا ئي ڪين هئا. هڪ آمريڪي محقق خاتون اوميل (Aoumiel) لکي ٿي ته: ”سميريا وارا پنهنجي واهپي جو سمورو سامان سنڌ کان گهرائيندا هئا، پر سميريا مان ڪو به وکر سنڌ ڏانهن ڪونه ويندو هو. اهو سنڌ جو ڪلاسيڪي بيٺڪي انتظام هو ۽ ان (سنڌ) ۾ مختلف نمونن جو سامان ٺاهڻ جو وڏو اتهاس موجود هو. بلڪل ائين، جيئن انگلنڊ پنهنجو تيار ٿيل مال پنهنجي ڪالونيءَ، آمريڪا ڏانهن موڪليندو هو. ان ساڳئي نموني سنڌ هڪ بانيڪار (Parent) جي حيثيت ۾ پنهنجي ڪالوني سميريا ڏانهن پنهنجو وکر صدين تائين اُماڻيندي رهي.“ سميريا جا ڪيترائي حڪمران سنڌي الاصل ۽ سنڌي النسل هئا. اها اصليت سندن نالن مان به ظاهر آهي. جهڙوڪ سارگان-I ۽ II (اصل نالو سري گياني- I ۽ II = محترم يا ڏاهو آهن.) انهيءَ تهذيب کي اڪادي بدو عربن، شهنشاهه حمورابيءَ جي شڪل ۾ تباهه ڪيو، بعد ۾ درياهي وهڪري جي تبديليءَ ۽ پوءِ انهيءَ ثقافت کي اڪادين پاڻ ۾ ضم ڪري فنا ڪري ڇڏيو. ان ريت چئي سگهجي ٿو ته دراوڙ لوڪ پنهنجي دؤر ۾ پنهنجي سهيوڳي سڀيتائن (Contemporary Civilizations) ۾ سڀ کان اڳڀرا ۽ ترقي يافته ۽ امن پسند لوڪ هئا، جن پنهنجي جاگرافيائي حدن کان ٻاهر نڪري ٻين علائقن ۾ پنهنجون واپاري بيٺڪون ۽ حڪومتون قائم ڪيون. سنڌو تهذيب مان ئي پوئين دؤر (Post- urban) ۾ جڙندڙ گنگا جمنا واديءَ واري هندي ثقافت ۽ هندو ڌرم جو تجزيو ڪندي محققن انهيءَ راءِ جو کليل لفظن ۾ اظهار ڪيو آهي ته، ”هندو ثقافت ۽ مذهب جي بناوت ۽ تاڃي پيٽو، دراوڙي- آريائي آهي.“ رامائڻ ۾ شري رامچندر آريا ۽ راوڻ دراوڙ تهذيب جي عڪاسي ڪن ٿا. هن داستان ۾ دراوڙي ثقافت کي آريائي ثقافت وانگر ترقي يافته صورت ۾ ڏيکاريو ويو آهي. رامائڻ ۾ آريائي نسلن جا شجرا ڏنل آهن، جن کي پُراڻن ۾ ڏنل شجرن سان ڀيٽي ڏسجي ته هند سنڌ جي اوائلي قومن بابت اعتبار جوڳي معلومات ملي ويندي. گنگا جمنا جي سناتن ڌرم وارن، پوڄا وقت گلن ۽ پوتر جل جو نذرانو پيش ڪرڻ ۽ جنتر منتر پڙهڻ وارو عمل دراوڙن کان سکيو. اهي نام نهاد آريا، راڳداري، گيتن ۽ ناچ کان واقف ئي نه هئا. اڄ به هنن جي ڪن ويدن جي سوترن ۾ غنايت نه آهي. وچ ايشيائي ڌنار قبيلن جو آريا لوڪن (Honorable peoples) جي صورت ۾ واپس اچڻ وقت سنڌو تهذيب سوڪهڙيءَ جي ڪري پوين پساهن ۾ هئي. سنڌو سلطنت (Indus Empire) جي مرڪزي صوبي ۽ ڏاکڻي صوبي ۾ مک صنعتي شهرن ۽ آباديءَ وارن علائقن: موهن جي دڙي، چانهوءَ جي دڙي، ڍول ويرا، لوٿل، هڙپا، ڪالي بئنگن مان مکيه قبيلا ۽ راڄ، راجسٿان (راڄ + آسٿان) ڏانهن لڏپلاڻ ڪري ويا هئا، اتان جي ڪمي ڪاري لوڪن (پورهيت = پُشاچ لوڪن) ميرٺ ۽ گنگا واديءَ جي شهرن ۾ نيون وستيون جوڙڻ شروع ڪيون. ڪيترائي اصلوڪا سنڌو قبيلا سنڌو سلطنت جي ڏاکڻين صوبي جي اُن دؤر جي ننڍن واهڻن رنگ پور ۽ دوارڪا ڏانهن لڏي ويا، ۽ ان کي وسائي اوج ۽ عروج ڏنائون، جڏهن ته انهن وچ ايشيائي ڌنار لوڪن، جن پاڻ کي ’آرين‘ جو جڙتو نالو ڏنو، تن به گهڻو وقت جٽاءَ نه ڪيو. انهن مان ڪن قبيلن ايران ۽ ايراني بلوچستان وارن علائقن ۾ وڃي آباد ٿيڻ پسند ڪيو، جتي سنڌو جت قبيلن سان رلي ملي ويا. هنن مان ڪرد نسل پيدا ٿيو، جيڪو پوءِ ايراني- رومي، عراقي- ترڪي، ترڪي- رومي جنگين جي ڪري انهن ملڪن جي سرحدي علائقن ۾ آباد ٿي هڪ مڪمل ويڙهاڪ قوم جي صورت ۾ منظم ٿيو. اهي سنڌو جت قبيلا به دراوڙن مان اُسريا هئا، جيڪي آڳاٽن سنڌو لوڪن جو اولاد هئا. سنڌ گهمندڙ چيني سيلاني ’هيون ٿسانگ‘ گرجارا (گجر لوڪن) کي جاٽ/ جٽ لوڪن جهڙو ئي قرار ڏنو آهي. ڊاڪٽر هينز ۽ ويسٽ فال پنهنجي ڪتاب THE JAT ۾ ڄاڻايو آهي ته، سانگي لوڪ، جيڪي مختلف قسم جا پهرو: اٺ، ڳئون، مينهون، ٻڪريون ۽ رڍون ڌارڻ ۽ سانگ خاطر لڏپلاڻ ڪندا هئا، تن مان جيڪي لڏپلاڻ واري ڪرت ڇڏي ٿانيڪا ٿيا، سي گجر ۽ راجپوت سڏجڻ ۾ آيا. قديم آثارن جي ماهرن، هڙپا، ڍول ويرا، موهن جي دڙي جي قديم شهري ماڳن مان لڌل ڪيراٽين جي اڀياس بعد انهن کي سنڌ ۽ پنجاب جي جتن/ جاٽن جي کوپڙين جهڙو قرار ڏنو آهي. تاريخدان ٽئمبي (Toymbee)، چندرگپت موريا کي موهن جي دڙي جي حڪمرانن جو پونير قرار ڏنو آهي، جڏهن ته ’ڪرنل جيمس ٽاڊ‘ سومرن کي چندرگپت موريا جو پونير قرار ڏنو آهي. اهي سمورا قبيلا اصل سنڌي ۽ آڳاٽن سنڌو لوڪن مان اُسريا آهن. دراوڙي ٻولي (Dravidian Language): جي. اي. گريئرسن، پنهنجي ڪتاب ‘Linguistic Survey of India’ جي جلد-IV ۾ جرمن ماهر لسانيات (Philologist) ۽ ماهر نسليات (اَڍُ ڄاڻڪ:(Ethnologist فريڊرڪ مَلر (Friedrich Muller) ۽ مسٽر هاهن (Hahn) جي حوالي سان دراوڙي (Dravidian)، سنهالي (Singhalese) ۽ مُنڊا لهجي (Munda Dialect) ۽ انهن جي لفظن (Words)، اسمن (Nouns)، ضميرن (Pronouns) ۽ فعلن (Verbs) تي کليل بحث ڪيو آهي. انهيءَ بحث ۾ هنن اهو دليل ڏنو آهي ته جيئن براهوي لوڪ، نسلي طرح سان آريائي (Araians) آهن، پر هو دراوڙ لوڪن ۾ ثقافتي طرح ضم (Cultural Assimillite) ٿيل آهن، ان ڪري کين دراوڙ سمجهيو وڃي ٿو. ساڳيءَ ريت منڊا ۽ دراوڙي ٻه جدا جدا نسل هئا، جيڪي ثقافتي طرح هڪ ٻئي سان لهه وچڙ ۾ آيا ۽ هڪٻئي سان لساني ۽ ثقافتي طور رلي ملي هڪ ٿي ويا. آڳاٽي سنڌو ٻوليءَ (Ancient Proto Indus Language) جي ماهر ۽ سنڌيالاجسٽ (Sindhialogist) آسڪو پارپولا (Asko Parpolo) آڳاٽن دراوڙ لوڪن جو اصلوڪو ماڳ سنڌو ماٿريءَ کي قرار ڏنو آهي ۽ مضبوط ثبوت ڏئي ٿو ته، ”قديم سنڌو سڀيتا (Indus Civilization) جا باني آڳاٽا دراوڙ لوڪ ئي هئا“، جڏهن ته هڪ آمريڪي محقق خاتون اؤميل (Omail) جو چوڻ آهي ته، ”47000 ق. م ۾ سنڌو ماٿريءَ ۾ انسان آباد هئا، جن مان ڪي قبيلا 30000 ق.م ۾ ايران، عراق ۽ مصر کان ٿيندا فلسطين پهتا، جتان هو ڪريٽ (Crete) جي ٻيٽن تي پهتا، اُتان هو يونان (Greek) ۽ پوءِ اوڀر يورپ (Eastern Europe) کان ٿيندا سڄي يورپ ۾ پکڙيا. ان کان پوءِ سنڌو ماٿريءَ مان هڪ ڀيرو ٻي لڏپلاڻ 5000 ق. م ۾ به ٿي هئي.“ انساني نسل ۽ مذهبن جي محقق آلين ڊينيلائو (Alian Danielou) پنهنجي ڪتاب ’پيار ۽ ڪيف مستيءَ جو خدا‘(Gods of Love and Ecstasy) ۾ لکيو آهي ته، ”دراوڙي لوڪ، سندن ٻولي ۽ ثقافت سرحد پار ڪري ڀونوچ سامونڊي ڪنارن تائين وڃي پهتي. ان ريت باسڪئس (Basques)، جارجيا (Georgis)، ايران، بلوچستان، لڊيا (Lydia)، ايٽروسڪئن (Etroscan)، ڪريٽ (Crete)، ڏکڻ اٽليءَ جي پيلاسجيا (Pelasgia) جي ٻولي به دراوڙي بنياد رکندڙ آهن.“ ان ريت سڄو ايشيا مائنر (Asia Minor) هن ٻوليءَ کان متاثر ٿيو. سمير، قديم ڪريٽ ۽ يونان جون قديم ٻوليون دراوڙي لوڪن ۽ سندن ٻولي، مذهب ۽ ثقافت جي اثر هيٺ آيون.“ اهڙي تحقيق جي بنياد تي اهو چئي سگهجي ٿو ته آڳاٽن سنڌو لوڪن جي گهڻائي دراوڙي نسل مان هئي، جن پنهنجي تهذيبي اثر کي دنيا جي هڪ وڏي حصي تائين پهچايو ۽ انهن پڻي لوڪن، سنڌو سماج ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ وسيل ۽ لهه وچڙ ۾ آيل ٻين گهڻن نسلن، خاص طرح سان پروٽو آسٽرلائيڊ، آرمينائيڊ، الپينائڊ، ترڪ ۽ منگول نسل جي لوڪن کي پاڻ ۾ ضم ڪري، سنڌو ماٿر ۾ هڪ پرامن ۽ ترقي ڪندڙ تهذيب جو بنياد وڌو. اڳتي هلي انهن گڊي نسل کي دراوڙ ئي ڪوٺيو ۽ لکيو ويو. هونئن به دنيا ۾ ڪا نسلي نُک نج پڻي جي دعويٰ نٿي ڪري سگهي، نه ئي ڪا ٻولي نج ۽ نبار رهي آهي. دنيا جي سمورين تهذيبن تي هڪ ٻئي جو سماجي ۽ ثقافتي اثر رهيو آهي. جيئن سنڌو تهذيب ۽ آڳاٽي سنڌو ٻوليءَ جو اثر عالمگير آهي. جرمن ماهر لسانيات، وليم جونس، جيڪو ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ پاران بنگال ۾ جج ٿي رهيو، تنهن سن 1786ع ۾ لسانياتي مطالعي جي آڌار تي، يوناني، لاطيني، سنسڪرت، گاٿڪ ۽ ڪئلٽڪ آئرش ٻولين کي ڪنهن آڳاٽي هند-يورپي ٻوليءَ(Proto Indo- European Language) مان نڪتل ڄاڻايو آهي. هـند (سـنڌ)- يورپي ٻولين(Indo- Europian Language) کان اڳ ۾ سڄي ڏکڻ ايشيا ۾ هڪ آڳاٽي ٻولي(Proto-Indus Language) ڳالهائي ويندي هئي، جنهن جون اٽڪل 73 اُپڀاشائون (Dialects)، پاڪستان، هندستان، سريلنڪا، نيپال، بنگلاديش ۽ برما ۾ اڄ به ڳالهائجن ٿيون، جڏهن ته افغانستان ۽ ايران جي ڪجهه ڀاڱن ۾ پڻ اهي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. انهن دراوڙي اُپڀاشائن جو وچور هن ريت آهي: ڏاکڻيون: اهي ٻوليون ڏکڻ وارن علائقن ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون: الير، باداگا، بيليري، ارولا، ڪاني ڪرن، ڪنڙ، ڪراگو، ڪوٽا، ڪرمڀا، ملايالم، ڀلييام، تامل، تودا، تولو. وچ ڏکڻ واريون: ابوج ميريا، گونڊي، ڪوئي/ڪووي، ڪونڊا، ڪوئا، منڊا، پينگو، سگاني، تيليگو. وچ واريون: ڪولامي، نائيڪي، اولاري، ڪولامي، ڏکڻ مغربي ڪولامي، ڏکڻ مشرقي ڪولامي. پرجي گڊايا، درووا، مندلي گڊايا، پرجي ۽ پتنگي اولار گڊايا. اتريون ٻوليون: (پاڪستان ۽ افغانستان ۾) براهوي، ڪرومپا پهاڙي، ڪوروڪس (هندستان ۾) ۽ ڪورڪس (نيپال ۾). ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب ’ٻولي ۽ ادب جي تاريخ'>سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘ ۾ سنڌي ۽ درواڙي ٻولين ۾ هڪجهڙن لفظن جي پٽي ڏني آهي، ان جا ڪجهه مثال هتي ڏجن ٿا. سنڌي لفظن جا دراوڙي بدل لفظ ڏنگين ۾ ڏنا ويا آهن، جهڙوڪ: نرڙ (نيڙ)، وائي (واي)، ڪراڙو (ڪِيئڙو)، ڪوڙو (ڪارو)، منڍ (منڊ)، ٽڙي (ٽاڙي)، اوڙاهه (آڙ)، کَٽ (ڪٽ) ۽ ٻيا ڪيترائي لفظ آهن، جن جو صوتي ملهه به ساڳيو سنڌيءَ جهڙو آهي. جو هر اسم جي آخر ۾ سنڌيءَ وانگر ننڍو سُر آواز (Short Vowel) اچي ٿو. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ موجود بروهين جا ابا ڏاڏا به قديم دراوڙ لوڪ هئا ۽ ساڳي قديم دراوڙي ٻولي ڳالهائيندا هئا. اڄ به براهوي ٻوليءَ جي نحوي بناوت دراوڙي ٻولين جھڙي آهي. سنڌ جا اوڏ باشندا، اصل ۾ دراوڙن جي نسل مان آهن، جيڪي ڏکڻ هندستان جا رهواسي هئا. هنن اتر هندستان ۾ اچڻ کان اڳ هڪ بستي آباد ڪئي، جيڪا ’اوڏر ديش‘ نالي سان مشهور آهي، جنهن جو اچار پوءِ ڦري ’اوڙيسا‘ ٿيو. اوڏن مان ڪي مارواڙ ويا، جتان پوءِ سنڌ ۾ آيا. (وڌيڪ ڏسندا: اوڏ، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پهريون، ص: 324). مهاڀارت، رامائڻ ۽ ويدن ۾ ڄاڻايل لوڪن/ قبيلن جي نالن ۽ اڄوڪي سنڌ جي قبيلن ۽ ذاتين ۾ حيرت انگيز هڪجهڙائي آهي. اهي قبيلا ۽ ذاتيون لفظي اُچارن کان سواءِ ساڳيون آهن. اهي قبيلا هن ريت آهن: موريا، ڪيريا، شوي، ڊيلها، گندرا، سنڌو، پريا، منڌرا، ميد، ڪوري، آريا، سانگي، منڱريا، هڪڙا، ابڙا، اهير، ٽڳڙ، اروڙا، ڪاڪا، ڪمبوهه، سومرا ۽ سانگي، سنڌ- هند جي نسل مان آهن. انهن کان سواءِ تاريخ ۾ ڄاڻايل راوڙ لوڪن جون ذاتيون، سانگي، مارو، ماڙيچا، ميگهواڙ، ڪولهي، ڀيل، مهر، ماڪا، چنڙ، گاگن، جيسر، مٿير، سهتا، ساند، مهر ۽ شورا اچي وڃن ٿا. سنڌ جا ماڃر يا ميربحر، منڇر جا مهاڻا ۽ لاڙ جي انيڪ ڍنڍن ۽ ڍورن تي پورهيا ڪندڙ ۽ پَلا ماريندڙ مياڻا ۽ ٻيا اهڙا لوڪ، جن جي ڪِرت درياهه ۽ سمنڊ سان آهي، انهن جي ٻوليءَ جي نحوي ۽ صوتياتي بناوت ڏکڻ هندستان جي دراوڙن جهڙي آهي. سنڌ جا ميربحر، ملاح ۽ ٻيا لوڪ، جيڪي ڪيترين صدين کان سنڌ، ڪڇ ۽ گجرات ۾ آباد آهن، اُهي ملبار طرف وڻج واپار لاءِ ويندا هئا. اڄ به مغلڀين تعلقي جاتي، ڀڄ ڪڇ ۽ گجرات جا وڻجارا/ مير بحر پنهنجي دنگين ۾ ملبار طرف ويندا آهن ۽ اڄ به اتي ماڱر ذات جا مهاڻا آباد آهن، اهو به ممڪن آهي ته ملبار وارن سان لهه وچڙ هئڻ ڪري اهي هتي آباد ٿيا هجن. سنڌ جي سمي حاڪم ڄام تماچيءَ، نوريءَ نالي مهاڻيءَ سان شادي ڪئي هئي. شاهه عبدالطيف نوري مهاڻيءَ کي ماڱر جي راڻي سڏيو آهي: تون سمون، آءٌ گندري، مون ۾ عيبن جوءِ، پسي راڻين روءِ، متان ماڱر مٽئين! نوري ڪينجھر ڍنڍ ويجھو رهندي هئي. اڄڪلهه ڪينجھر ڍنڍ طرف ماڱر ذات جا مهاڻا نه ٿا رهن، پر سجاول طرف ڪافي آهن ۽ اهو سجاول وارو پاسو ’ماڃر‘ سڏجي ٿو. ماڃر ۽ ماڱر هڪ ئي لفظ جا الڳ الڳ اچار ۽ روپ آهن. اڳي ٺٽي ۽ سجاول جو ڳچ حصو پاڻيءَ هيٺ هو، ڇو ته ان وقت سنڌوندي نصرپور وٽان وهندي هئي. اهو زمانو 1758ع جو آهي، جنهن کانپوءِ درياهه رخ مٽايو ۽ هاڻوڪي واٽ ورتي، جنهنڪري ڦليليءَ جو اڳوڻو ڦاٽ وهڻ بند ٿي ويو. درياهه جي رخ مٽائڻ سان سجاول ۽ ٺٽي جا ميداني پٽ پڌرا ٿي پيا، جنهن تي ماڃر ذات جا مهاڻا اچي آباد ٿيا، جيڪي مڇي ماريندا ۽ ماڻهن کي پتڻ اُڪاريندا هئا، سجاول طرف ماڃر نالي ڍنڍ به آهي، جنهن تي پڻ انهن مهاڻن تان نالو پيل آهي. اڄوڪي دؤر ۾ تيليگو، تامل، ڪنڙ، مليالم، تُوتُو، ڪدوگو، تورو، بووگر، اِرُدلار، ڪوهاتر ۽ براهوي ٻولين ڳالهائيندڙن کي دراوڙ مڃيو ۽ چيو وڃي ٿو، جڏهن ته ڪن ماهرن مطابق دراوڙ لوڪن مان مراد سنڌو ماٿر جا اصلوڪا لوڪ آهي. هن وقت تامل ٻولي ڳالهائيندڙ پاڻ کي اصلوڪن کان اصلوڪا دراوڙ لوڪ سمجهن ٿا. هونئن به تامل، ترامڙ ۽ دراوڙ هڪ ئي لفظ جا مختلف اُچار آهن، جيڪي ننڍي کنڊ جي مختلف نسلن جي ميلاپ ۽ صوتي اثرن جي ڪري الڳ الڳ پر هڪ معنيٰ وارا ٿي بيٺا آهن ۽ مٿيون ٻوليون ڳالهائيندڙ سمورا ماڻهو/ لوڪ، ننڍي کنڊ جا آڳاٽا ۽ اصلوڪا لوڪ آهن، جيڪي آڳاڻي اصليت جي بنياد تي درواڙ ليکيا ۽ لکيا ويا آهن، جڏهن ته تحقيق موجب انهن ۾ آڳاٽن آسٽريليائي لوڪن (Proto Austrloid)، آفريڪي لوڪن (Negroid) نسلن جو ميلاپ صاف نظر اچي ٿو. اهي هڪ ئي تهذيبي، ثقافتي ۽ لساني اثر هيٺ هڪ ٻئي جي نسلي لڙهين ۾ ڪنهن آڳاٽي سگهاري قديم سنڌو ثقافت ۾ ضم ٿيل آهن. ان ڪري دراوڙ جي اڄ جي دؤر ۾ معنيٰ اصلوڪا لوڪ آهي. وچ ايشيائي ڌنار لوڪن، جن سنڌ، پنجاب ۽ موجوده بلوچستان جي اُٺ چاريندڙ ۽ مالوند سنڌو لوڪن ۾ نسلي ۽ ثقافتي طرح ضم ٿي ڪري، جت/ جاٽ/ زط، ڪرد ويندي ڪن بلوچ قبيلن کي جنم ڏنو ۽ اهي ٻئي لوڪ افغانستان، سينٽرل ايشيا، ويندي يورپ پهتا ۽ جرمن ۽ ٻين يورپي ملڪن جي قومن جي وجود جو سبب بڻيا. اهو سلسلو اتهاس ۾ هزارين سال ق. م کان به اڳ کان هلندو پيو اچي. هتي دراوڙن مان مراد سنڌو تهذيب جا باني ۽ پرامن انسان ئي آهي، جيڪي مٿين گڏ وچڙ ۽ گڊي نسل جي لوڪن جي اچڻ ۽ قبيلن جي شڪل ۾ اُسرڻ کان اڳ وارا لوڪ آهن.“


لفظ دراوڙ لوڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو